SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڇيڄ جو ناچ


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڇيڄ جو ناچ

دريا پنٿي هندو سانوڻيءَ جي موسم ۾ دريا شاهه تي ناريل جي ڀيٽا چاڙهيندا هئا، ان لاءِ بحراڻو ڪڍندا هئا. هڪ نواڙ جي منجي جنڊيءَ لٿل، ان ۾ وڏو ٽامي جو ٿالهه رکي، اٽي مان ٺهيل ڏيئا سچي گيهه ۾ ٻاري ٿالهه ۾ رکندا هئا. ان سان گڏ مصري پتاشا ۽ مٺايون وغيره رکي اگربتيون ٻاريندا هئا. ان سڄي ٽڪساٽ کي بحراڻو ڪوٺيندا هئا. پوءِ دهلاري بحراڻو وڄت، جيڪا تکي ڪلواڙي سان ملندڙ هئي ۽ ٻيا ساز وڄائيندا هئا ۽ دريا پنٿي گهنگهرن سان جنڊي چڙهيل ڏونڪا هٿن ۾ کڻي پِڙُ ڪري ڇيڄ هڻڻ شروع ڪندا هئا ۽ ڪي جهانجهه وڄائيندا هئا. ناچو، ڏانڊيا ڏانڊين تي هڻي ناچ وجهندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ دهلاري ٽڪي وٺڻ تي ناچ بند ڪري چوندا هئا: لال جا جهاٽي، چئو جهولي لعل ٻيا بيٺل چوندا هئا جهولي لعل!


Remember Me Also:

نالو ڪڍائڻ

نالو ڪڍائِڻُ

قرآن شريف يا ڪنهن مقدس ڪتاب ذريعي ڄاول ٻار جو نالو تجويز ڪرائڻ، مشهوري ڪرائڻ، ناموس ڪڍائڻ، هاڪ ڪڍائڻ، نيڪي ڪڍائڻ، بدنام ڪرائڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal